حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي سخي پير واري علائقي مان هٿياربند ٻن دڪانن تان 7 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته سخي پير ٿاڻي جي حد ۾ قائم هنس ٽريڊرز تي ٻن هٿياربندن چڙهائي ڪري دڪان تي موجود نريندر ڪمار، سندس ڀاءُ ۽ ملازم کي يرغمال بڻائي کانئن 3 لک رپين جي ڦرلٽ ڪئي جڏهن ته ساڳئي علائقي ۾ جوابدارن وقاص نالي هڪ ٻئي دڪاندار کان به 3 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. جوابدار موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آيا هئا جن مان هڪ ڄڻي اچي دڪان تي شين جا اگهه معلوم ڪيا ۽ بعد ۾ سندس ٻيو ساٿي به دڪان ۾ گهڙي آيو ۽ اتي موجود دڪان جي مالڪن ۽ ملازم کي يرغمال بڻائي رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. سخي پير پوليس هنس ٽريڊرز مان 3 لک رپين جي ڦرلٽ جي تصديق ڪئي آهي. پوليس موجب وقاص نالي جنهن شخص ڦرلٽ جي شڪايت ڪئي آهي اهو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ معلومات ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن جي ڪري ٻئي دڪان مان ڦرلٽ جي تصديق ناهي ٿي. هنس ٽريڊرز تان ڪجهه وقت اڳ ۾ به ڦرلٽ ڪري جوابدار فرار ٿي ويا هئا جيڪي اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته اها ڦرلٽ ان وقت ڪئي وئي جڏهن شهر ۾ ڪورونا سبب لاڪ ڊائون جي ڪري مخصوص وقت تي دڪان بند ٿي رهيا هئا. پوليس موجب ڦورن موقعي جو فائدو وٺي ڦرلٽ ڪئي آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سي سي ٽي وي فٽيج ۽ ٻي معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.