کپرو(ن پ ا) کپرو واسڻ 55 ورهن جي بيواهه عورت ڪملا مالهي جو لاش کپرو لڳ نارا ڪئنال مان هٿ آيو. ملاح برادريءَ جي ماڻهن لاش ڪئنال ۾ لڙهندو ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس سان گڏ ملاحن لاش کي ڪڍي پوليس حوالي ڪيو، پوليس لاش تعلقي اسپتال آندو جتي لاش جي سڃاڻپ ڪملا زال نارائڻ مالهي طور ٿي، فوتڻ ڪملا بيواهه هئي. جڏهن ته سندس پٽ موجب ته سندس ماءُ پوڄا ڪرڻ نارا ڪئنال تي وئي ته هن جو پير سلپ ٿي ويو جنهن سبب واقعو پيش آيو. انهيءَ بابت مختلف چوٻول آھن ته هن نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪجهه ماڻھن جو چوڻ آھي ته فوتي عورت روزاني جي بنياد تي ناراڪئنال تي پاڻي جي پوڄا ڪرڻ لاءِ ويندي هئي پير سلپ ٿيڻ سبب هوءَ ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي آهي.