لاکاروڊ (ن پ ا) لاکا روڊ ڀرسان ڳوٺ لنڊو موري ۾ لاشاري ۽ ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين تان هلندڙ تڪرار جو نبيرو ٿي ويو. ايم اين اي سيد ابرار علي شاهه جي سرپئنچي ۾ عاقل شاھ هائوس تي ڌرين جو فيصلو ٿيو. جنهن ۾ لاشارين ۽ ڏاهرين جي ٻن ڌرين ۾ 9-ايڪڙ زرعي زمين جو مٽا سٽا ٿيل سودو ڪينسل ڪيو ويو، جنهن جي بدلي ۾ لاشاري ڌر ڏاهري ڌر جي فوجي احمد ڏاهري کي 20 لک رپيا ادا ڪندي. ٻنهي ڌرين جي امينن توڙي ڌرين فيصلي کي قبول ڪيو ۽ کير کنڊ ٿي ويا. ياد رهي ته هلندڙ تڪرار ۾ ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ معمول بڻيل هو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڌرين ۾ جهڙپ دوران فائرنگ ۾ ڳوٺ غلام محمد راڄپر جو رهواسي پنهنجي گهر اڳيان ويٺل ڳوٺاڻو برڪت علي راڄپر گولي لڳڻ سبب مارجي ويو هو، جنهن جو ڪيس ڪنڊيارو ٿاڻي تي لاشاري ۽ ڏاهري برادري جي ٻنهي ڌرين تي داخل ڪيو ويو هو. ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري بعد علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، فيصلي ۾ علائقي جي برادرين جا چڱا مڙس اطهر خان لاشاري، دين محمد ڏاهري، بخشل بالادي، نبي بخش مڱريو ۽ ٻيا معززين پڻ شريڪ هئا.