ٽنڊوآدم (ن پ ا ) ٽنڊي آدم ڀرسان نوحاڻي ۽ ڇٽا برادري ۾ جهيڙي جو فيصلو ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور ساڍا چار لک ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ علي شير ڇٽو ۾ معمولي ڳالهه تان ڇٽا ۽ نوحاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 5 ڏينهن اڳ جھيڙو ٿيو ھو جنھن ۾ ڇٽا برادري جا 4 ماڻھو ذوالفقار، اعظم، مٺل ۽ ساجد زخمي ٿيا ھئا جنھن کان پوءِ ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي گذريل رات ٻنھي ڌرين جو فيصلو ٿيو جنھن ۾ ڇٽا برادري پاران صوبائي وزير فراز ڏيرو، محمد يوسف ڇٽو، گلڻ ڇٽو ۽ شھمير خان ڇٽو امين طور جڏھن ته نوحاڻي برادري پاران حاڪم خان نوحاڻي، عطا محمد نوحاڻي ۽ ٻيا امين ھئا. ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد نوحاڻي برادري کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ نوحاڻي برادري تي 3 لک رپيا ڏنڊ ۽ ڇٽا برادري تي ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو جيڪو ڇٽا برادري جي ڏنڊ ۾ ڪٽيو ويو باقي بچيل ڏنڊ جي رقم ڏيڍ لک رپيا ڇٽا برادري پاران نوحاڻي برادري کي معاف ڪري ڇڏيو. اھڙي فيصلي کان پوءِ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.