سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ ۾ آر او آفيس حملو ڪيس ۾ مقامي عدالت ايس يو پي، پي ٽي آءِ سميت مختلف تنظيمن  جي اڳواڻن جي ضمانت 3 لک عيوض منظور ڪري ورتي، اسسٽنٽ  ڪمشنر آفيس جي نائب قاصد عبدالحميد جھيجو جي پاران ڪالهه رات سيوھڻ  ٿاڻي تي ايس ايو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو سميت مختلف تنظيمن جي 20 نامزد اڳواڻن سميت 80 ڄڻن خلاف دوران آر او آفيس تي مبينا حملو ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪراييو ويو هو، جنهن بعد ڄاڻايل ڪيس ۾ نامزد اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنهنجي وڪيل معرفت ضمانت لاءِ سيوھڻ  جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج سيوھڻ  جي عدالت ڪيس ۾ نامزد سمورن اڳواڻن جي ضمانت 13 جوالءِ تائين 3 لک شوئرٽي عيوض منظور ڪري ورتي.