جوهي:  رابطو ڪرڻ تي يوسي شاهه حسن  جيضلعي ڪائونسل جي پ پ اميدوار ۽ شاهاڻي برادري جي سردار چاڪر خان جي پٽ بولا خان شاهاڻي چيو ته اليڪشن ۾ بيهڻ  هر ڪنهن جو آئيني حق آهي، اسان ڪنهن کي نه ڌمڪي ڏني آهي  نه ڪنهن کي اغوا ڪيو آهي. هن چيو ته عظيمان شاهاڻي جو وائيس چيئرمين پاڻ اليڪشن ۾ ناهي بيٺو، جنهن ڪري آر او سندن فارم رد ڪيو،  باقي عظيمان ۽ سندس ٻيا اميدوار ڪاغذن جي جانچ پڙتال لاءِ صحيح سلامت آيا ۽ واپس پنهنجي گهر ويا، جيڪي هن وقت به آرام سان ستا پيا آهن، باقي اسان ڪنهن کي ڌمڪايو ناهي، الزام غلط آهن.