سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ ويجهو انڊس هائي وي روڊ تي آمري وٽ تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ٽلٽي واسي عبدالرحمن لغاري فوت ٿي ويو، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين ۾ شاهنواز، احمد لغاري، موريو شورو، صفر سميت ٻيا شامل آهن، زخمين مان 2 ڄڻن جي حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،زخمين کي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز منتقل ڪيو ويو، مسافر ڪار سيوهڻ کان ڄامشورو طرف وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي.