ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ مير خان چانگ واسي نوجوان امداد پٽ ڪريم بخش چانگ گهر جي فرش تي پير سلپ ٿيڻ سبب ڪري بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارث بيهوشي واري حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي کڻائي آيا جتي نوجوان رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، فوت ٿيڻ جي تصديق ڊاڪٽرن پاران ڪئي وئي، نوجوان جي اچانڪ فوتگي سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي تدفين ڳوٺ ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي.