ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات  واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائين بي آر ٽي سنڌ حڪومت جو اهم پراجيڪٽ آهي،  جنهن جا مک مسئلا حل ڪيا ويا آهن، باقي رهيل مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا. ريڊ لائين بايو گيس تي هلندڙ پاڪستان جي پهرين بس سروس هوندي. ڪالهه ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي جو منصوبو 2022 ۾ شروع ٿيو پر  نگران دور ۾ پراجيڪٽ جو ڪم روڪيو ويو ،  هن چيو ته جناح اوينيو تي ريڊ لائين بي آر ٽي جو ڪم ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته بسن جي قيمت گھٽ ۽ انفرااسٽرڪر جي لاڳت تمام گھڻي هوندي آهي، هن چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي جو هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان شروع ڪرايو ويو آهي، اميد آهي ته مقرر مُدي تائين پراجيڪٽ مڪمل ٿي ويندو. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته منصوبي جي تعميراتي ڪم دوران يونيورسٽي جي شاگردن کي پيش ايندڙ پريشاني جو به اندازو آهي. ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون پکيڙي سوشل ميڊيا تي منفي خبرون هلائين ٿا پر اسان هاڻي مضبوط قوم بڻجي شهر، صوبي ۽ ملڪ کي ترقي جي راھ تي وٺي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو هو، ان ڏينهن تي انتشار پکيڙيو ويو، پي ٽي آءِ وارن عوام کي ورغلايو، بسون ساڙيون ويون، جناح هائوس جهڙي جڳهه کي به بخش نه ڪيو ويو، عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته جيڪو به ليڊر ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري، ان جي ڳالهه نه مڃي وڃي.9 مئي تي عمران خان معصوم ٻارڙن ۽ ڀينرن کي استعمال ڪيو، جيڪي اڄ جيلن ۾ آهن پر عمران جا پنهنجا ٻار لنڊن ۾ ٿڌين هوائن ۾ گھمي رهيا آهن، جيڪو حشر 9 مئي وارن جو ٿيو، اهو ئي حشر اسلام آباد تي حملي جون ڌمڪيون ڏيندڙن جو ٿيندو. هن چيو ته اليڪٽرڪ بسن ۾ ڪجهه مسئلا اچن پيا، جتي بسون چارج ٿين پيون اتي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، اسان ڪي اليڪٽرڪ سان لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڳالهايو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اڄ وفاقي وزارتن ۾ ناهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته پيپلز پارٽي جمھوري عمل ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ڪري رهي آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جو حصو بڻجڻ يا نه بڻجڻ تي پيپلز پارٽي سي اي سي جي فيصلن جي پابند آهي.