ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ فوڊ اٿارٽي جي 5 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي:  چيف سيڪريٽري پاران ناراضپو: ضلعي وار ڪاررواين جي رپورٽ طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  20 ڪروڙن کان وڌيڪ سالياني گرانٽ تي هلندڙ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين سال 2018ع کان وٺي 5 سالن جون ڪارڪردگي واريون رپورٽون چيف سيڪريٽري حوالي ڪري ڇڏيون، جڏهن ته موجوده ڊي  پنهنجي دور جي رپورٽ ۾ ضلعي سطح تي ڪيل ڪارواين جا انگ اکر ڏيڻ بجاءِ رڳو سالياني ڪارواين ۾ اوڳاڙيل ڏنڊ واري رقم جا تفصيل ڏنا آهن، رپورٽ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2018_19ع ۾ فوڊ اٿارٽي قائم ٿيڻ واري سال دوران ڪيل  ڪاررواين دوران 11 لک 35 هزار، سال 2019_20ع ۾ 20 ڪروڙ 62 هزار 950 رپيا، سال 2020_21ع ۾ 24 ڪروڙ 48 لک 9 هزار رپيا، سال 2021_22ع ۾ 16 ڪروڙ، 28 لک 4 هزار 700 رپيا، سال 2022_23ع دوران 14 ڪروڙ 10 لک 5 هزار رپيا ۽ هلندڙ مالي سال يعني سال 2023_24ع ۾ سڀ کان گھٽ يعني رڳو 12 ڪروڙ 22 لک 20 هزار رپيا ڏنڊ طور اوڳاڙيا ويا آهن، ذريعن موجب چيف سيڪريٽري پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ضلعي سطح تي ڪيل ڪاررواين جا تفصيل گھرائي ورتا آهن.

فوڊ اٿارٽي جي لائسنس برانچ غيرفعال: 653 درخواستون لٽڪيل

ڪراچي: سنڌ فوڊ اٿارٽي جي لائسنس برانچ غيرفعال، 653 درخواستون ڪيتري ئي عرصي کان پينڊنگ ۾ هجڻ جو اعتراف! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جي لائسنس برانچ غيرفعال بڻيل آهي، جتي ڪيتري ئي عرصي کان نوان لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ درخواستون پينڊنگ پيل آهن. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لائسنس لاءِ هن وقت تائين 9 هزار 278 درخواستون آيون، جن مان 8 هزار 625 درخواستون اڪلائي لائسنس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 653 درخواستون پينڊنگ ۾ پيل آهن جن جي انسپيڪشن نه ٿي سگھي آهي.

 

سائوٿ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مريم ٽالپر کان اختيار واپس: نگراني 14هين گريڊ جي ملازم حوالي

ڪراچي: سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اختيارين سائوٿ ضلعي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مريم ٽالپر کان اختيار واپس وٺي ضلعي جي ڪمان 14هين گريڊ جي ملازم بلال احمد حوالي ڪئي آهي. ذريعن موجب ته ڊپٽي ڊائريڪٽراختيار واپس ٿيڻ سبب آفيس اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. واضح رهي ته ضلعي سينٽرل جو وهنوار به ڪانٽيجنسي ملازم سيد دانش حوالي ٿيل آهي.