نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان تعلقي ڪلوئي جي ڳوٺ ڪلڻهار مٺو ۾ نظيران زال شير محمد نهڙيو، جميلا، نعمت ﷲ، ارشاد، شاهد علي ۽ ڳوٺ گرڙاٻھه ۾ فرمان احسان نهڙيو جي ڊينگي وائرس رپورٽ پازيٽو اچي وئي، رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد نظيران زال شير محمد نهڙيو کي لمس اسپتال حيدرآباد ۽ فرمان احسان نھڙيو کي سول اسپتال مٺي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي مريضن کي نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڳوٺاڻن موجب ڪيترن ئي ڏينھن کان ڳوٺ ڪلڻهار مٺو، ڳوٺ گرڙاٻهه ۽ آس پاس وارن ڳوٺن ۾ ڪيترائي ماڻهون تيز بخار ۾ ورتل آهن اطلاعن باوجود صحت کاتي ٿرپارڪر ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، نه ئي ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ڪي ٽيمون موڪليون ويون آهن، هنن چيو ته متاثر ڳوٺن ۾ فوري طور تي موبائيل ميڊيڪل ٽيمون موڪليون وڃن ۽ ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري پڻ ڪرايو وڃي هنن چيو آهي ته لاڳاپيل انتظاميا تڪڙا اپاءُ نه ورتا ته وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، هوڏانهن ڊي ايڇ او ٿرپارڪر ڊاڪٽر ليکراج  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو آهي اڄ ڄاڻايل ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلي علاج ۽ ٽيسٽون ڪيون وينديون.