اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ميمبرن ٽول ٽيڪس کان ڇوٽ وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ذريعن مطابق حڪومت پاران پارليامينٽ جي ميمبرن کي ٽول ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ذريعن مطابق ڪالهه سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي هدايت تي سينيٽ سيڪريٽريٽ مواصلات جي وفاقي سيڪريٽري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين کي خط اماڻيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي هدايت تي سينيٽ جي ميمبرن ٽول ٽيڪس ۾ مليل ڇوٽ مان فائدو وٺڻ کان معذرت ڪئي آهي، سينيٽ جي ميمبرن اهو فيصلو موجوده معاشي ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي سامهون رکندي ڪيو آهي، ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي پارليامينٽ جي ميمبرن کي ٽول ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي ميمبرن کي ٽول ٽيڪس جي ڇوٽ ڏيڻ وارو فيصلو غير مناسب آهي، مان ان فيصلي خلاف آواز به اٿاريندس، اهو فيصلو ڪنهن به اعتبار کان درست ناهي، چونڊيل ميمبرن کي عام ماڻهو وانگر تمام ٽيڪسز ادا ڪرڻ گهرجن، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي اهو فيصلو واپس وٺي.