اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي پاڪستان جي ڪنهن به فرد جي اسرائيل جي دوري بابت تاثر کي رد ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هڪ پرڏيهي اين جي او ان دوري جو انتظام ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ موجود ناهي، پاڪستان جو فلسطين واري تڪرار تي موقف چٽو آهي، پاڪستان فلسطيني عوام جي آزاديءَ جي حق جي حمايت ڪندو آهي. پرڏيهي کاتي چيو ته پاڪستان فلسطين واري تڪرار جو يو اين ۽ او آءِ سي جي ٺهراءُ موجب حل چاهي ٿو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ٺهراءُ موجب 1967ع کان اڳ جي دنگن تي آزاد فلسطين جي رياست قائم ٿيڻ گهرجي، اهڙي فلسطيني رياست جا حامي آهن جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ القدس الشريف هجي. ترجمان موجب آزاد فلسطيني رياست جو ٺهڻ سموري خطي لاءِ انصاف ۽ ديرپا امن لاءِ ضروري آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن پهريون اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جو وفد اسرائيل پهتو آهي جيڪو اسرائيلي صدر سان ملاقات ڪندو.