سينيٽ اجلاس: پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ سينيٽرز ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

0
237

سينيٽ اجلاس: پيپلز پارٽي

اسلام آباد: چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس دوران پ پ سينيٽر بهرمند تنگي ۽ پي ٽي آءِ جي سيف الله ابڙو وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ٻنهي سينيٽرن وچ ۾ منهن ماري سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو

سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي شهزاد وسيم چيو ته اليڪشن ڪميشن جانبداري جو ڇو مظاهرو ڪري رهي آهي، حڪومت سياسي ماڻهن جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، فواد چوڌري کي هٿڪڙيون هڻي چادر ۾ ويڙهي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڇا اهو انصاف آهي؟

يوسف رضا گيلاني چيو ته فواد چوڌري منهنجي ڪابينا ۾ رهيو آهي، هُن جو معاملو هاڻي عدالت ۾ هلندڙ آهي، نگران حڪومت ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر آئيني پوزيشن ۾ آهن، انهن تي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي

هي به پڙهندا

فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس: عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو

گئس پهرين جولاءِ کان مهانگي، بجلي سبسڊي ختم ۽ ٽيڪس شرح وڌائڻ جي خاطري