سينيئر طالبان اڳواڻ ملا برادر ۽ خليل الرحمان حقاني ۾ صدارتي محل ۾ منهن ماري

0
387
جهيڙي ۾ زخمي ٿيڻ يا

ڪراچي(م ڊ) افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ وار مامري تي طالبان جي ٻن سينيئر اڳواڻن جي وچ ۾ منهن ماري جون ڳالهيون سامهيون آيون آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب طالبان جي شريڪ باني ۽ عبوري نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر ۽ ڪابينا جي هڪ ميمبر جي وچ ۾ صدارتي محل ۾ منهن ماري ٿي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نائب وزيراعظم ملا برادر ۽ پناهگيرن بابت وزير خليل الرحمان حقاني، جيڪو حقاني نيٽ ورڪ جو سرگرم اڳواڻ به آهي جي وچ ۾ منهن ماري ٿي، ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي حمايتن ۾ به تڪرار ٿيو جنهن جي تصديق قطر ۾ طالبان جو سياسي آفيس ميمبر ڪئي.

ذريعن موجب صدارتي محل ۾ طالبان جي نئين حڪومت جي ڍانچي بابت بحث شروع ٿي، ملا برادر عبوري حڪومت جي طريقيڪيار تي خوش نه هئا ۽ منهن ماري افغانستان ۾ طالبان جي فتح جو ڪريڊٽ جي مامري تي ٿي، ملا برادري سمجهي ٿو ته طالبان جي فتح جي سهرا ان جهڙن اڳواڻن کي ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته حقاني گروپ جي راءِ آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي فتح جنگ جي ذريعي حاصل ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملا برادر هن مامري تي تمام جلد ميڊيا آڏو موقف پيش ڪندا، ٻئي پاسي طالبان جي سپريم ليڊر هيب الله اخوند زاده جي حوالي سان به ڪافي ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن جيڪو ڪڏهن به منظر عام تي ناهي آيو، هو طالبان جي سياسي، عسڪري ۽ مذهبي مامرن جو سربراهه آهي.