ڏهرڪي بي رحم شخص نينگر کي زنجيرن سان جڪڙي قيد ڪري ڇڏيو

0
156

ڏهرڪي(ن پ ا) ڏهرڪي جي بلوچ ڪالوني  ۾ 9 سالن جي نينگر کي بي رحم شخص مبينا چوريءَ جي الزام ۾ پڪڙي تشدد جو نشانو بڻائي پنج ڪلاڪن تائين گهر جي ڪمري اندر زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو .

نينگر مٺو فقير کي وارث ڳوليندا رهيا پر ڪٿي نه مليو پر پاڙي واري ٻارڙن نينگر جي رڙين تي پهچي وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪري ڇڏي.

اطلاع تي پوليس پهچي نينگر کي زنجيرن سان جڪڙيندڙ کان مبينا رشوت وٺي واپس هلي وئي.

متاثر نينگر جو چوڻ آهي ته مون کي حڪيم ۽ لالو گهر اندر قيد ڪري زنجيرن سان جڪڙي چيو ته توسان بدفعلي ڪندا سين، جڏهن ته نينگر جا وارث جهوپڙين جا فقير هجڻ ڪري بااثرن پاران کين خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.