ڀرياروڊ ۾ 7 سالن جي نينگر جو لاش ھٿ

0
132
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڀرياروڊ(ن پ ا) ڀرياروڊ ريلوي ڦاٽڪ لڳ 7سالن جي نينگر جو لاش ھٿ آيو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ساحل ولد شان باگڙي طور ٿي.

اطلاع ملڻ تي ڀرياروڊ پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته نينگر جا وارث لاڏائو آهن، جيڪي ريلوي ڦاٽڪ لڳ جھڳين ۾ رھندا آهن، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

بيسڪ ھيلٿ يونٽ ڀرياروڊ جي انچارج ڊاڪٽر حميد الله چوھاڻ نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وارثن جو چوڻ ھو ته نينگر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيو آهي جڏهن ته پوليس بغير پوسٽ مارٽم جي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.