ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 2100 رپيا تولو اضافو ٿي ويو. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 2100 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو هڪ لک 54 هزار 100 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي هڪ لک 56 هزار 200 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 1580 رپيا تولو برقرار رهي. ملڪ ۾ 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 33 هزار 916 رپيا ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر وڌي ويو ۽ هڪ هزار 675 ڊالر في اونس رهيو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 50 پئسا گهٽتائي آئي ۽ هڪ ڊالر 241 رپيا 50 پئسا مان گهٽجي 241 رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو.