سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ شھر ۾ رستا بند ھجڻ بعد مھانگائي به چوٽ چڙهي وئي،  عام واھپي واريون شيون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون، غريب طبقو پريشان، ان ڏس ۾  سيوھڻ ۾ ٻوڏ اچڻ بعد دادو کان سيوھڻ طرف زميني رابطو ڪٽجڻ بعد عام واھپي واريون شيون منافعي خورن مھانگيون ڪري ڇڏيون آهن، شهر ۾ ڀيڊيون 160 رپيا، ٽماٽا 200 رپيا، پٽاٽا 60 رپيا، بصر 80 رپيا، توري 140 رپيا، گوبي 140 روپيا في ڪلو  وڪامجي رهي آهي، جنهن سبب غريب عوام سخت پريشان آهي، ان حوالي سان رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.