سول اسپتال ٽنڊو الهيار جي اڪائونٽنٽ تي ناري سان لڄالٽ جو الزام

0
365

ٽنڊو الھيار (ن پ ا) سول اسپتال ٽنڊو الهيار جَي اڪائونٽنٽ تي ناري سان لڄالٽ جو الزام، ناري وڊيو بيان ڪندي الزام هنيو آهي ته، سجاد عالماڻي اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ وڊيوز رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪري رهيو آهي،  ناري جَي ڀاءُ فرحان ميمڻ جو چوڻ آهي ته، اسان پ پ اڳواڻ غلام قادر مري وٽ فيصلو رکيو آهي، اميد ته انصاف ملندو، جوابدار سجاد عالماڻي الزام رد ڪندي چيو آهي ته، 22 ڏينهن کان ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ ڪري گهر ۾ آئيسوليٽ آهيان، ڀلي ناري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو وڃي، لڄالٽ جا الزام ڪوڙا آهن.