ٽي 20 ورلڊ ڪپ: ڏکـڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ ٽيمن جو اعلان

0
309

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽمبا باووما کي ئي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا آسٽريليا خلاف ميچ ذريعي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ مهم شروع ڪندي. اسڪواڊ ۾ ڪپتان ٽمبا باووما، ڪيشو، مهاراج، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ، بجورن فورٽين، ريزا هينڊرڪس، هينجرج ڪلاسن، ايڊن مارڪرم، ڊيوڊ ملر، ويان ملڊر، لينگي نگيڊي، ڪگيسڪو ربادا ۽ ٻيا شامل آهن. انگلينڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي قيادت ايئن مورگن ڪندو. ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ معين علي، جوناٿن بيئرسٽو، سيم بلنگز، جوز بٽلر، سيم ڪررن، ڪرس جورڊن، ليام لينگوسٽن، ڊيوڊ ملان، ٽيمل ملز شامل آهن. ٻئي پاسي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت ويرات ڪوهلي ڪندو.