سوال/سروي وفاقي وزير پرويز خٽڪ جو بيان رد: ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بک بدحالي عروج تي آهي: عوام : سوشل ميڊيا تي بحث

0
343

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته مهانگائي ٿيندي ته ملڪ هلندو، مهانگائي نه ٿيندي ته ملڪ رڪجي ويندو، ماڻهن وٽ گاڏيون آهن، غربت ڪٿي آهي؟ پرويز خٽڪ جي ان بيان کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پرويز خٽڪ کي ڪھڙي خبر ته ٻچڙن لاءِ اس ۾ سڄو ڏينهن ريڙھي ھلائيندڙ پورھيت ڪيترن مشڪلاتن ۾ ٿو گذاري، ملڪ ۾ بک بد حالي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي غريبن وٽ ته ٽي ويلا ماني کائڻ جيترا به پئسا ناهن، گاڏيون ته اميرن وٽ آهن غريب ته ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي، پرويز خٽڪ کي شايد اها خبر ناھي ته هتي ماڻھو بک وگھي مري رهيا آھن، پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهن، وفاقي وزير پاڻ ته شاهي زندگي گذاري رهيا آهن.سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خاموش خليل شر لکيو ته هنن کي ڪهڙي خبر غريب هڪ ويلي لاءِ به پريشان آھن هي پاڻ ته وڏين گاڏين ۾ گهمي رهيا آهن، شبير حسين ڀوت لکيو ته حڪمرانن جي لاءِ واقعي غربت ناھي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته هنن کي ڪهڙي پرواهه ته مهانگائي ڇا آهي هي ته اي سي کان لهي وري به وڃي اي سي ۾ ويهندا آهن، نياز ڪلوئي لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو اھڙي بيان تي سڀ اھڙا وزير مشير آهن، سجاد قاسم جوکيو لکيو ته حڪومت مڪمل ناڪام آهي، محمد پريل عباسي لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ ان جا وفاقي وزيرعوام سان مذاق ڪري رھيا آھن، شاهد شر لکيو ته عوام هن حڪومت مان خوش ناهي، دائود لغاري لکيو ته مهانگائي ٿي ته ملڪ ته هلندو پر عوام مري ويندو گاڏيون هر ماڻهون وٽ ناهن، علي مراد لاشاري لکيو ته واھه جا مشڪرا حڪمران مليا آھن، وقار ڏاهري لکيو ته گاڏيون به انهن وٽ ئي آهن غريبن وٽ ته ٽي ويلا ماني کائڻ جيترا به پئسا ناهن، آفتاب لغاري لکيو ته ان بيان جو زميني حقيقتن سان ڪو تعلق ناهي، اين اي بلوچ لکيو ته پاڻ کي اٽي جي ريٽ جي خبر اٿس؟ وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ ۾ بک بد حالي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي، خادم گهراڻو لکيو ته پرويز خٽڪ کي ڪهڙي خبر ته غريب ڪيئن زندگي گذاري ٿو، مهانگي وڌي آهي غريب سائيڪل به نٿو وٺي سگهي، عبدالله سومرو لکيو ته ڪرپٽ سياستدانن کي ڪامورن کي مھانگائي نه ئي گاڏي جي پرواهه آهي، سنڌ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن، علي مراد جوکيو لکيو ته اهڙا بيان ڪو بيوقوف ماڻھو ئي ڏئي سگھي ٿو. پرويز خٽڪ کي شايد اها خبر ناھي ته هتي ماڻھو بک وگھي مري رهيا آھن، سڪندر مهر لکيو ته وڏيون گاڏيون ته اميرن وٽ آهن غريب ته ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، شنڪر باغي لکيو ته اهو وزير صحيع ته چوي ٿو هن سان نه ئي غريبن کي ملڻ ڏنو وڃي ٿو نه ئي هو ملڻ پسند ڪري ٿو، ايم بخش سومرو لکيو ته يوسي محمد خان ڀرڳڙي پي ايس 72 راجو جمالي کان عبدالله شاهه تائين 10 ڪلوميٽر ٺهرائي ڏنو وڃي، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته شايد اهو غربت واري مرحلي مان گذريو ئي ناهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته وزيرن ۽ مشيرن لاءِ مهانگائي ناهي، غريب عوام جو پئسو لٽين ٿا، ممتاز علي سميجو لکيو ته اهي پاڻ ملڪ جو ناڻو لٽي شاهي زندگي گذارن پيا غريب ماڻهو ته هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته وفاقي وزير جو اهو بيان بلڪل غلط آهي، سڪندر علي لکيو ته وفاقي وزير کي ڪهڙي خبر غريب ڪئين پيا جيئن، محرم علي سومرو لکيو ته ‎وفاقي وزير کي ڪنهن شهر جي فٽ پاٿ گهمائڻ گهرجي، احمد ڪوهستاني، امام بخش سنڌي، شوڪت خان، توفيق علي، ضمير بلوچ، حبيب راڄپر به راءِ جو اظهار ڪيو، راول راجستاني لکيو ته وزير کي غربت جي ڪهڙي خبر؟ بابر شر لکيو ته هي پاڻ کي عوام سمجهن پيا، يعقوب کوسو لکيو ته ايئر ڪنڊيشن گاڏيون بنگلن ۾ رهڻ واري کي ڪهڙي خبر جهوپڙي وارن جي زندگي ڪيئن ٿي گذري. سميع الله لاکو لکيو ته وفاقي وزير سنڌ جو چڪر لڳائي ڏسي، جبار لغاري لکيو ته انهن وٽ ته ملڪ جو لُٽيل مال آهي، شبير کوکر لکيو ته پرويز خٽڪ عجيب ڳالهيون پيو ڪري، موهن لال لکيو ته اها چٿر پيو ڪري، طارق راڄپر لکيو ته ھتي عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، سليم اختر لکيو ته وفاقي وزير کي زميني حقيقتن جي خبر ناهي. سڪندر بلوچ لکيو ته پرويز خٽڪ کي ڪھڙي خبر ته ٻچڙن لاءِ اس ۾ سڄو ڏينهن ريڙھي ھلائيندڙ پورھيت ڪيترن مشڪلاتن ۾ ٿو گذاري، عبدالرزاق چانڊيو، عبدالرحمان سمون، زبير احمد نواب، عادل الاهي بخش، راجا مهر، سينگار علي، نثار ڏيٿو، شمس الدين رند، عيدل ڪنڀر، حماد الله ڪنڀر، ايم يوسف لغاري، مولائي اسد ماڇي، حبيب الله عمراڻي ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.