سوال/سروي بحريا ٽائون واقعي تي سنڌ سرڪار معافي وٺي، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي: عوام

0
397

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي 20 جون کان تحريڪ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون واقعي تي سنڌ سرڪار معافي وٺي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته بحريا ٽائون واقعي تي سنڌ سرڪار کي سنڌي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، صوبائي وزيرن پاڻ چيو هو ته متحده لنڊن وارن باهه ڏني، تنهن ڪري بيگناهه گرفتار ٿيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ايڪشن ڪاميٽي جي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آفتاب سولنگي لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪارڪن خلاف جاري انتقامي ڪاروايون کي مدنظر رکندي 20 جون جي تحريڪ ھڪ سٺو عمل آھي جنھن جي اسان حمايت ڪريون ٿا ھنن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاروايون فوري طور تي بند ڪيون وڃن ۽ سنڌ حڪومت کي عوام کان فوري طور تي معافي وٺڻ گھرجي. عالم پالاري لکيو ته ڪوھستان جي ضلعن ملير ڄامشورو ٺٽو جون لکين ايڪڙ مقامي رھواسين جون زمينون بحرياٽائون فيز 1۽ تازو دادا ڀائي ويجھو بحريا فيز 2 ديھه ٻٻر وارن علائقن جون ڀڳڙن مٺ عيوض ھڙپ ڪيون ويون، خادم گهراڻو کيو ته سنڌ حڪومت کي خبر آهي ته بربادي ڪرڻ وارا ڪير هئا، منير گائنچو لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو بھترين فيصلو آھي. اياز بلوچ لکيو ته سنڌ سرڪار کي بحريا واقعي تي معافي وٺڻ گهرجي، نياز سومرو لکيو ته ايڪشن ڪميٽي وڏي دل جو مظاھرو ڪري معافي گھري ھاڻ بلڪل سنڌ سرڪار کي سنڌ جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي، بشير ميراڻي لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي سنڌ حڪومت کي وائڙو ۽ وائکو ڪري ڇڏيو آهي، اسان اکين ڏٺا شاهد آهيون ته ايڪشن ڪميٽي وارن جي پهچڻ کان اڳ باھ لڳي پئي هئي. علي مراد جوکيو لکيو ته سنڌ جي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ کڄندڙ ھر قدم جي حمايت ڪرڻ گھرجي. پرامن ماڻھن تي سخت تشدد ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بيگناھ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ تي معافي وٺڻ گھرجي. غلام حسين ڀٽي لکيو ته پ پ جي وزيرن جي بقول بحريا ٽائون جي مين گيٽ کي باھه ايم ڪيو ايم وارن ڏني آھي پوءِ سنڌ حڪومت کي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کان معافي وٺڻ گهرجي، صالح نوحاڻي لکيو ته سنڌ جي مفاد ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ھر فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، محمد رحيم مهراڻپوٽو لکيو ته بلڪل سنڌ سرڪار معافي وٺي، بهاول کوسو، مظهر حسين، غلام حسين، عبدالفتاح، پڻ سروي ۾ حصو ورتو، سارنگ علي لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي تمام بهترين فيصلو ڪيو آهي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تعليم وارو وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندين چيو هو ته بحريا ٽائون جي مين گيٽ کي باھه ايم ڪيو ايم وارن ڏني آهي ان ڪري سنڌ حڪومت سنڌي عوام کان معافي وٺي، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ملڪ رياض کي گرفتار ڪيو وڃي، مظهر عباسي لکيو ته معافي وٺي ڪيس ختم ڪيا وڃن، امتياز جمالي لکيو ته تحريڪ تيز ٿيڻ گهرجي، وفا بابو پٺاڻ لکيو ته سنڌ سرڪار عوام کان معافي وٺي، سيف الله پنهور لکيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي فيصلي کي بھتر سمجهون ٿا، سنڌ سرڪار کي معافي وٺڻ گهرجي، غلام محمد لکيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، اسد ديشي لکيو ته سنڌ حڪومت معافي وٺي سنڌ پوليس پاران پر امن احتجاج ۾ ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو، حبيب راڄپر لکيو ته اسان جي تجويز اها آھي ته سنڌ سرڪار کي معافي وٺڻ گھرجي، راول راجستاني، لقمان کوسو ۽ مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ايڪشن ڪاميٽي جو سٺو قدم آهي، محمد ايوب لکيو ته اسان ايڪشن ڪاميٽي سان گڏ آهيون، ذوالقرنين لنڊ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، فضل الرحمان عاقل لکيو ته بحريا ٽائون جو معاملو صرف ڳالھين ذريعي ئي حل ٿي سگھي ٿو،جنيد زرين لکيو ته اهو ممڪن ناهي سنڌ سرڪار معافي وٺي، علي مرتضيٰ کوسو، مظفر شبير، غلام رسول کوسو، عبدالجبار ڀنڀرو،سليم اختر، مختيار ميمڻ، علي انور، شاهد شر، اطهر مگسي، عثمان پنهور، شبير شر، عبدالله ميراڻي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. آصف علي ابڙو لکيو ته سنڌ حڪومت کي معافي وٺڻ گهرجي، سڪندر بلوچ لکيو ته سنڌ سرڪار کي معافي وٺڻ گهرجي،سينگار علي لکيو ته ايڪشن ڪاميٽي 6 جون تي پرامن ڌرڻو هنيو هيو، عبدالڪريم ڀٽي، يونس بلوچ، هالار ياسين، سرفراز، نياز ڪلوئي، عاشق حسين، عرفان شر، سرمد جمال ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو.