تلھار (ن پ ا) مسلم ليگ ن جي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني تلھار پھچي اڳوڻي پي پي ايم اين اي مرحوم لام علي خان نظاماڻي جي وفات تي پونئيرن فرزند دانش نظاماڻي،دانيال نظاماڻي، ڀاءُ ظفر نظاماڻي ۽ سئوٽ دلدار نظاماڻي سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي کيئل داس ڪوهستاني ڳالهائيندي چيو ته بدين ضلعي کي مرحوم جو خدمتون هميشه ياد رهنديون، هن چيو ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت عوام سان سچي ناھي، فقط پنھنجا ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ھڪٻئي خلاف واويلا ڪري عوام سان ويساھ گھاتين ۾ مصروف آھن، ھن چيو ته ارباب غلام رحيم ايماندار وزيراعليٰ ھو، جيڪو پڻ اڪثر پارٽيون بدلائي پنهنجي سياسي ساک وڃائي ويٺو آھي، ھن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو ۽ اسان ان جي مخالفت ۽ اگر ضرورت پئي ته مزاحمت پڻ ڪنداسين، مسلم ليگ نواز ھميشا صاف سٿري سياست ڪئي آھي، ھن سنڌ ۾ اقتدار دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا.