ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ۾ جوڙي جهڏي شهر جي عابد ڪالوني واسي نوجوان احمد رياض ولد جعفر کوکر ڳوٺ حيات خاصخيلي جي ناري شازيا ڌيءُ بلاول کوکر پريس ڪلب ڊگھڙي ۾ صحافين اڳيان تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري شازيا کوکر چيو ته مون رضا خوشيءَ سان احمد رياض سان شادي ڪئي آهي جنهن بعد مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.