سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 7مريض فوت، 673ڪيس رپورٽ، 330چاڪ ٿي ويا

0
355

ڪراچي: ( بيورو رپورٽ ) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا وبا وگهي 7 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا صورتحال بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته 24ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جو 12022 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 673 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪورونا متاثرن مان 330ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن.