ڪي پي ۾ وڏي وزير جي ٻن خاص معاونن ۽ هڪ صلاحڪار استعيفائون ڏئي ڇڏيون

0
356

پشاور: ( بيورو رپورٽ ) خيبر پخون خواهه جي وڏي وزير جي ٻن خصوصي معاون سميت ٽن ڄڻن استعيفائون ڏئي ڇڏي، وڏي وزير ڏانهن اماڻيل استعيفيٰ ۾ خاص معاون ضياءُ الله بنگش چيو آهي ته تڪ جون ذميواريون گهڻيون آهن، انهن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان. ڪي پي جي وڏي وزير جي صلاحڪار غزن جمال ۽ خصوصي معاون حمايت الله خان به استعيفائون ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وڏو وزير محمود خان، غزن جمال ۽ حمايت الله خان جي ڪارڪردگي مان مطمئن نه هو……