سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت، 855 نوان ڪيس ظاهر

0
283

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، 855 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل بيان موجب صوبي ۾ فوتين جو ڪل انگ 4،587 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مجموعي ڪيسن جو انگ 276669 ٿي چڪو آهي. هن وقت 10211 مريضن جو علاج جاري آهي. جن مان 446 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي جڏهن ته 48 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.