سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جو بل منظور

0
315
سنڌ ۾ نئون مڪاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ جو بل يڪراءِ منظور ڪري ورتو، اجلاس ۾ خطاب دوران ايم پي اي پير مجيب چيو ته بل جي منظوري سان 2013ع کان 2017ع تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪيو ويندو، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي متحده ايم پي اي رعنا انصار چيو ته لاڙڪاڻو جي نجي اسپتال ۾ عورت کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ذميوارن کي اڃا تائين سزا ناهي ملي، صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ جوابدارن جو متاثر عورت سان ڊي اين اي ميچ ناهي ٿيو، معاملي کي جلد حل ڪيو ويندو.