لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو – آريجا ڦيڙو باءِ پاس تي ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگر فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي نينگر سميت 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻو آريجا ڦيڙو باءِ پاس تي ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نئون بس اسٽاپ واري علائقي جا رهواسي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين پاران کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو ويو. ڊاڪٽرن پاران 8 سالا عمران سنديلو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي سندس والد علي گل سنديلو ۽ سندس 7 سالا سئوٽ تاج محمد سنديلو جو علاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏھن ته آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.