ميرپوربٺورو: ميرپور بٺورو سجاول ضلعي ۾ سنڌو درياھ جي ھر سال انتھائي حساس قرار ڏنو ويندڙ ۽ 2010 واري مھا ٻوڏ ۾ ٺٽي ضلعي ۾ وڏي تباھي مچائيندڙ سورجاڻي بند وٽان ٽنڊو غلام علي جي رھواسي بااثر زميندار مير غلام علي ٽالپر سورجاڻي بند کي پنھنجي ڪچي جي پندرنھن سئو ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاء ڪرينن ذريعي ڪٽ ھڻي بچاء بند مان غيرقانوني طور موري ٺاھي ڇڏي آهي، جنھن خلاف يونين ڪائونسل بچل گگو جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين نور احمد گگو، دادن مگسي، ڪليم الله گگو ۽ ٻين پاران صوفي شاھ عنايت پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مير غلام علي ٽالپر سنڌو درياھ جي سورجاڻي بچاءَ بند تي غيرقانوني طور موري ٺاھي رهيو آهي، اھا موري سڄي ضلعي سجاول لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. ھنن چيو ته 2010 ۾ پڻ انھي جڳھ تان ئي درياھ کي گھارو پيو ھو جنھن سبب سڄي سجاول ۾ لکين ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، اربين روپين جا نقصان ٿيا ماڻھن جو الھ تلھ لڙھي ويو ھو جنھن سبب ڪيترائي ماڻھو ھن وقت تائين پنھنجي ٿيل نقصان جو پورائو نه ڪري سگھيا آھن. ھي عمل ساڳئي قسم جي بربادي جو سبب بڻجي سگھي ٿو پر سنڌ حڪومت ڪوبه قدم کڻڻ لاء تيار ناھي. ھنن سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين موري جو ھلندڙ ڪم بند ڪرائي بچاءَ بند کي نئين سر ٺاھي پٿرن سان پچنگ نٿي ڪرائي وڃي تيستائين بااثر طرفان ڪيل اھڙي عمل جي خلاف سڀاڻي کان احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيون ٿا.