سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 13 فوت، 675 نوان ڪيس ظاهر

0
198

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 13245 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 675 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جڏهن ته 13 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5،196 ٿي ويو آهي. اڄ 725 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ 297546 ٿي چڪو آهي. هن وقت 23654 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 682 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 65 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.