لاڙڪاڻو: ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

0
243

لاڙڪاڻو: تعلقي رتيديري جي ڳوٺ محمد تڪي کٽياڻ ۾ کٽياڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. جهيڙي سبب گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ کٽياڻ برادري جي هڪ ڌر جي نوجوان عمران کٽياڻ کي ٻي ڌر جي جوابدار خالد کٽياڻ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو . ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙي ۾ عمران کٽياڻ سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي وارثن پاران کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. مقتول جي ڀاڻيجي وحيد کٽياڻ ٻڌايو ته اسان جي مائٽن جو ٻار خالد جي دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ ويو ته خالد کيس مار ڏني ۽ منهن ماري ٿي پئي بعد ۾ خالد گوليون هڻي عمران کي قتل ڪري ڇڏيو.