ٺٽو: واهه ۾ ٻڏي ويلن مان هڪ وڌيڪ لاش هٿ

0
261

ٺٽو: هاليجي ويجھو ڪي ڊي اي واھ ۾ ٻڏي ويل هڪ وڌيڪ 65 ورهين جي شخص دينو باگڙي جو لاش ڪڍيو ويو ، ڪي ڊي واھ مان ٻڏي ويل 5 ڄڻن مان هڪ ناري ۽ مرد سميت 2 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن، وڌيڪ ٻڏي ويل 3 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي. ٻڏي ويل 3 ڄڻن ۾ 2 نينگريون ۽ هڪ معصوم نينگر شامل آهن ، واقعي واري هنڌ انتظاميه به پهچي وئي آهي ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان ٻڏي ويل 3 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.