سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته برساتن سبب ايتري تباهي نه ٿئي ها: منظور وساڻ

0
359
سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها
سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته برساتن سبب ايتري تباهي نه ٿئي ها: منظور وساڻ

خيرپور: وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هُن چيو ته سنڌ ۾ ڊرينيج نظام بهتر هجي ها ته برساتون ايتري تباهي نه مچائين ها

خيرپور جي ٽينٽ سٽي جي دوري دوران متاثرن منظور وساڻ آڏو غير معياري کاڌو ملڻ جون شڪايتون ڪيون، منظور وساڻ جي متاثرن جي دانهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر صفدر ميراڻي کي ڇنڊ پٽيندي کيس قبلو درست ڪرڻ جي هدايت ڪئي
منظور وساڻ چيو ته عمران خان جيئن آيو هو تيئن ئي واپس هليو ويندو، سندس ويجھا دوست به کانئنس ڌار ٿي ويندا
هن چيو ته ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ خيرپور ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، 36ڪٽن مان 26 کي بند ڪيو ويو آهي، اڄ روهڙي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو
منظور وساڻ چيو ته سنڌ ۾ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ سم نالا اوور فلو ٿيڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ بعد ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن: مراد علي شاهه

منڇر ڍنڍ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ انڊس هاءِ وي کي ڪٽ هڻڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن جو سيوهڻ ۾ احتجاج

ٺري ميرواهه ۾ مليريا وگهي ماڻهو مرڻ جو خدشو، ٽيسٽنگ ڪٽس، دوائون ۽ ٻيو سامان ختم