منڇر ڍنڍ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ انڊس هاءِ وي کي ڪٽ هڻڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن جو سيوهڻ ۾ احتجاج

0
270
منڇر ڍنڍ جو پاڻي نيڪال

سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۽ انڊس هاءِ وي کي ڪٽ هڻڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن سيوهڻ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

اڙل واهه پُل وٽ ڌرڻي دوران ٻڏي ويل علائقن جا ٻوڏ متاثر شامل آهن، احتجاج سبب انڊس هاءِ وي تي ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ معطل رهي

Pakistan tries to avert lake overflow as U.N. warns of more misery | The Japan Times

شهرين جو چوڻ آهي ته سيوهڻ تعلقي جي هزارين ڳوٺن ۾ 8 کان 11 فٽ ڦاڻي بيٺل آهي، منڇر ڍنڍ تي اڃا به دٻاءُ ۽ چاڙهه آهي، ڍنڍ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انڊس هاءِ وي کي ڪٽ ڏنو وڃي

آبپاشي انجنيئر مظاهرين سان ڳالهين دوران خاطري ڪرائي ته انڊس هاءِ وي تي ڪٽ هڻڻ واري معاملي بابت جلد فيصلو ڪيو ويندو ته جيئن پاڻي نيڪال ڪري سگهجي

شهرين انڊس هاءِ وي کي ڪٽ لڳڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل آهي

ھي به پڙھندا

شادي لارج ۾ ايل بي او ڊي سِم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ لاءِ چوٿين ڏينهن به ڌرڻو

ٺري ميرواهه ۾ مليريا وگهي ماڻهو مرڻ جو خدشو، ٽيسٽنگ ڪٽس، دوائون ۽ ٻيو سامان ختم