بدين (رپورٽر ) بدين ضلع جا فنڪار واھر نه ٿيڻ خلاف پنھنجا ساز کڻي روڊن تي نڪري آيا،بدين ضلعي جا ٻوڏ سٽيل فنڪار ۽ ڏات ڌڻي واھر نه ٿيڻ خلاف پنھنجا سمورا ساز کڻي روڊن تي نڪري آيا آھن لاڙ آرٽ ڪائونسل جي سڏ تي برسات ۾ شديد متاثر ۽بيروزگار ٿيندڙ فنڪارن،اديبن،سگھڙن،شاعرن،اداڪارن ۽ موسيقارن استاد الھڏنو جوڻيجو،ماسٽر ڪريم ڪڇي، موسيقار غلام قادر راھي،پريم ڀڳت، شاعرعبدالستار جوکيوماما مجيد ملاح،جمن شناس،اياز دانش جي اڳواڻي ۾ الله والا چوڪ کان ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف روڊن کان مارچ ڪندي ايوان صحافت بدين پھتي جتي مظاھرو ڪرڻ بعد فنڪارن موسيقي جا ساز ڇيڙي مزاحمتي ۽ قومي گيت ڳائي پنھنجو انوکو آحتجاج رڪارڊ ڪرائيندي وزير اعلئ سنڌ سيد مراد علي شاھ ثقافت جي وزير سيد سردار شاھ کان مطالبو ڪيو ته بدين جي متاثر ۽ بيروزگار ٿيل ڏات ڌڻين جي مدد ڪري کين بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي،