سنڌ ۾ پوليس گردي وڌي وئي، انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي: گورنر سنڌ

0
264

ٺٽو (ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليس گردي وڌي وئي آهي، ٺٽي جي ڪارڪنن سميت سڄي سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بڻيو پيو وڃي، ٺٽي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته تحريڪِ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهيون خوشگوار موڊ ۾ اڳتي وڌيون آهن، جلد اُمتِ مسلمه کي پاڪستان طرفان سٺي خوشخبري ملندي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان سڀني جو ساڳيو ئي موقف آهي ته اسان نبي ڪريم جي شان ۾ گستاخي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو آهي ته صرف طريقيڪار تي ڪجهه اختلاف آهن پر ملڪ جي وزير اعظم جو موقف واضع آهي ته يورپي ملڪن تي اهڙو دٻاءُ وڌايون جو آئينده انهن کي اسان جي نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي جُرئت ئي نه ٿئي، هن چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت کي به اپيل آهي ته صحت ڪارڊ سميت سنڌ جي معاملن تي وفاق سان تعاون ڪري، سنڌ اندر پوليس توڙي ٻين معاملن ۽ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان آئون پاڻ جائزو وٺي رهيو آهيان بعد ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان هن معاملي تي ڳالهايو ويندو ۽ هڪ تفصيلي رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم کي اماڻي ويندي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل پي ٽي آئي اڳواڻ رئيس ارسلان بروهي سان ملاقات ڪري سندس گهر تي ڪجهه وقت اڳ پوليس چڙهائي بابت تفصيل معلوم ڪيا ۽ ضلعي انتظاميه سان احساس ڪفالت پروگرام جي حوالي سان پڻ گڏجاڻي ڪئي وئي.