پ پ پاران قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

0
239

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي پاران فرانس جي سفير واري معاملي تي گهرايل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پابندي پيل مذهبي جماعت سان معاهدي دوران ڪنهن به مرحلي تي قومي اسيمبلي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، حڪومت روڊن رستن تي ڪارروائي ڪئي، پوءِ پابندي هنئي، ماڻهو مارجي ويا، 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا پر وزيراعظم پارليامينٽ ۾ نه آيو. بلاول ڀٽو چيو ته هاڻ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي پويان لڪڻ چاهي ٿي، وزير اعظم صاحب هي توهان جو ڦهلايل گند آهي، توهان صاف ڪيو يا گهر وڃو.