سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار، آبادگارن جا ڌرڻا

0
301

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جو سنگين بحران نه ٽريو، پاڻي جي اڻهوند سبب ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا پيٽ سُڪي ويا، پُڇڙيءَ جي آبادگارن جا پوکيل فصل تباهه  ٿي رهيا آهن

ڇاڇرو ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

کڏڙو ۾ آبادگارن سانگهڙ- نواب شاهه روڊ تي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سجاول جوڻيجو ۾ آبادگارن قومي شاهراهه تي ٽرئڪٽر ٽراليز بيهاري احتجاج رڪارڊ ڪرايو

آبادگارن جو چوڻ آهي ته درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اُهو به آبپاشي عملدار بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غريب آبادگار ڪيڏانهن وڃن؟

 

 

ھي به پڙھندا

 

لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ بجلي جي بندش سبب جيئڻ تنگ