سنڌ جي اڳوڻن وزيرن، صلاحڪارن کي سيڪيورٽي ۽ مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم

0
166
فائل فوٽو

اسلام آباد: نوٽيس ۾ آيو آهي ته سنڌ جا اڳوڻا وزير، مشير ۽ خاص معاون اڃا به پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سوڌو ٻيون رعايتون استعمال ڪن ٿا، اُنهن کان سرڪاري گهر ۽ گاڏيون واپس ورتيون وڃن

اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي سرڪاري رعايتون واپس نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

نگران حڪومت اڳوڻن وزيرن، مشيرن ۽ عهديدارن کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، شهلا رضا ۽ فياض ٻُٽ سرڪاري گهر خالي نه ڪيا، اڳوڻا خاص معاون بندهه علي لغاري ۽ بنگل مهر به سرڪاري گاڏي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي هلائڻ لڳا آهن

جنرل ايڊمنسٽريٽ کاتي به اڳوڻن وزيرن کي گهر خالي ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط اُماڻي ڇڏيو