ڪراچي ۾ 4 لک افغاني غيرقانوني طور ترسيل، ڪومبنگ آپريشن جاري

0
207

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 4 لک افغاني غيرقانوني طور ترسيل هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند چيو آهي ته اهي افغاني شهر اندر وڏين وارداتن ۾ ملوث نڪتا آهن

هن ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 200 کان وڌيڪ افغاني گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ غيرقانوني طور ترسيل 51 افغاني گرفتار ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته گنا منڊي ۾ ڪومبنگ آپريشن دوران رستا سيل ڪري گهرن جي جهڙتي ورتي وئي، بائيو ميٽرڪ وسيلي شڪي ماڻهن جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو