سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ قرار

0
219
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ قرار ڏني وئي آھي.

عدالت نيب کي ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بينچ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ حڪومت ڪجهه به نٿي ڪري، جِن ماڻهن قبضا ڪري پئسو ڪمايو، اُنهن کان اُهو پئسو واپس ڪرايو وڃي.

ڪير ڪيترو به بااثر، سياسي شخصيت يا آفيسر هُجي، ڪنهن کي به معاف نه ڪيو وڃي، عدالت طرفان نيب کي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.