ڪنڌرا (ن پ ا) سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي سيڪريٽري مرحوم هادي بخش ٻرڙو جي ٽيجهي واري رسم ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي مرحوم جي وڏي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي جي موجوده سيڪريٽري غلام محمد عمر فاروق ٻرڙو کي پڳ ٻڌرائي وئي، جنهن ۾ ٻرڙا برادريءَ جي صدام حسين ٻرڙو، سينئر سول جج عبدالقدير ٻرڙو، شھميرخان ٻرڙو، عبدالحنان قادر ٻرڙو، اعجاز احمد پلهه، محمد ٻڍل چنا، توفيق الله ٻرڙو، حافظ محمد سڪندر ٻرڙو ، وعبدالرئوف ڪٽپر. استاد الله وسايو ٻرڙو سميت مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي.