راڻيپور (ن پ ا) پسند جي شادي ڪندڙ راڻيپور جو رهواسي جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور. 6 ڏينهن اڳ خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ راڻيپور جو رهائشي غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ سکر جي نئين پنڊ جي رهواسڻ ڪنزا چنو دربدر واري زندگيءَ کان تنگ ٿي ڪالهه راڻيپور پريس ڪلب پهچي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ اسان خيرپور جي عدالت ۾ شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ ناريءَ جا والدين ۽ رشتيدار ڪوڙا ڪيس ڪري گرفتار ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.