سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا پيپر جاري، ڪاپي جي ڌم

0
95
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت
سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا پيپر جاري، ڪاپي جي ڌم

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا پيپر جاري، امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا پيپر جاري، مختلف سينٽرن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد توڙي شاگردياڻيون پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

لاڙڪاڻو، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص،  نوابشاهه، قمبر، شهدادڪوٽ، نئون ڪوٽ،  ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ پيپر جاري آهن

نئون ڪوٽ جي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم رهي، استاد پاڻ شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ لڳا

ميرپورخاص جي مختلف امتحاني سينٽرن تي ڪاپي ڪرڻ تان ڪيترائي شاگرد ڪاپي ڪيس ڪيا ويا

ڪنري ۾ سول جج زاهد حسين مغيري  پاران امتحاني سينٽرن جو دورا ڪيا ويا، ٽن  شاگردن وٽان موبائيل فونون هٿ ڪيون ويون