ڪراچي ۾ ماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ جو آفيسر مبينا طور ڳلو ڪپي قتل

0
109
ڪراچي ۾ ماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ جو آفيسر مبينا طور ڳلو ڪپي قتل
ڪراچي ۾ ماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ جو آفيسر مبينا طور ڳلو ڪپي قتل

ڪراچي: ڪراچي ۾ ميرپورماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ جو آفيسر مبينا طور ڳلو ڪپي قتل، عمران نائچ جو سندس گهر مان تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپيل لاش مليو، پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش ماٿيلي کڻائي ويا

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته عمران جي ڪلهي وٽ به ڇري جي زخم جو نشان آهي، ٽائيم نيوز واقعي ۾ملوث مبينا جوابدار جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪري ورتا

فٽيجز ۾ جوابدار کي صبح جو گهر مان نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدار جو منهن رومال سان ڍڪيل آهي ۽ هٿن تي دستانا چڙهيل آهن، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مبينا جوابدار جا فوٽيجز به سامهون اچي ويا آهن، کيس گرفتار ڪيو وڃي

ٻئي پاسي  ۽ ڪراچي  ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري قتل ٿي ويو، مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،

ڪورنگي جي ڪلو چوڪ تي ڦر دوران مزاحمت تي شهري اظهر مارجي ويو، پوليس پهچي شهري کي قتل ڪندڙ ڏوهارين سان مقابلو ڪيو، مبينا مقابلي ۾ جوابدار شاهد مارجي ويو، ڏوهاري جاويد زخمي ٿي پيو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ قلم 144 لاڳو: 4 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ  ٿيڻ تي پابندي