سجاول (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام ضلعي سجاول جي امير مولانا محمد صالح الحداد چيو آھي ته ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ کي پنھنجي حصي جي پاڻي کان محروم رکيو پيو وڃي، ارسا ھٿ وٺي سنڌ ۾ ڏڪاري حالتون پيدا ڪرڻ چاھي ٿي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ پاڻي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آھي. جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته ھڪ سازش تحت سنڌ ۾ هر سال اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وڃي ٿي، جنھن جي ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رھيو آھي. هن چيو ته سنڌ توڙي وفاقي حڪومت سنڌ جي آبادگارن کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.