لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) عاقل پوليس ڪچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار محراب جتوئي ۽ حنيف چانڊيو کي گرفتار ڪري سندن وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته روپوش جوابدار جنسار ڀٽو کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.