ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ ميهڙ مزاحمتي فورم پاران حاتم سولنگي، اظهر سولنگي، حبيب حضوري جي اڳواڻي ۾ ڪراچي ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف جلوس ڪڍي گهنٽا گهر چونڪ ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ڪري ڪراچي ۾ قديم سنڌي وسنديون ڊاهڻ بند ڪيون وڃن، ڪراچي ۾ ڌاري آبادي کي روڪي کين سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل جاري ڪرڻ بند ڪيا وڃن ۽ جاري ڪيل شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن.